ڏمڻ سوناري جو دڙو

ڏمڻ سوناري جو دڙو (ماڳ): ڏمڻ سوناري جو دڙو اسلامي دؤر سان واسطو رکي ٿو. هيءُ دڙو ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ريتي اسٽيشن کان ڏکڻ طرف وڄڻوٺ جي دڙي کان ٻن ميلن جي پنڌ تي سيهڙ واهه جي ٻي ڪنڌيءَ تي واقع آهي. هن دڙي جي ابتدائي کوٽائي 1982ع ۾ ڪئي وئي، جنهن مان معلوم ٿيو ته هيءُ دڙو قديم دؤر جي هڪ بستي هو. مقامي ماڻهو هن دڙي کي لوڪ داستانن ۾ ڳايل عشقيه قصي جي ٻن اهم ڪردارن ڏمڻ سوناري جي ڌيءَ ۽ دلو راءِ جي پٽ سان منسوب ڄاڻائين ٿا. هن دڙي وٽان هن وقت هڪ نئون ڳوٺ ٻَڌجي ويو آهي. هن لاءِ مشهور آهي ته هيءَ ئي اها وسندي آهي، جيڪا ڏمڻ سوناري ۽ دلو راءِ جو مسڪن هئي. دڙي تان ابتدائي چڪاس دوران بستيءَ جي واضح آثارن سميت ڀڳل ٿانوَ گهڻي تعداد ۾ مليا آهن، جيڪي اسلامي دؤر جا ڏسجن ٿا. دڙي جي آسپاس کان کوٽائي ڪري ثقافتي وٿون جانچڻ جي ضرورت آهي. هيءُ دڙو قديم وسندين جي ماڳن ۾ جوڳي اهميت جو حامل آهي.


لفظ ڏمڻ سوناري جو دڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو